SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقوامي سماج


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقوامي سماج

International Society

انٽرنيشنل سوسائٽي

هن تصور هيٺ ماهرن طرفان بين الاقوامي تعلقات جي مدد سان هڪ اهڙو عالمي معاشرو قائم ڪرڻ جو ارادو آهي ، جنهن ۾ انسان هر قسم جي رنگ، نسل ۽ ملڪي سرحدن جي فرق کان آزاد هجي. جيتوڻيڪ ان قسم جي سماج جو قائم ٿيڻ عملي طرح ڪافي ڏکيو آهي، پر دُنيا جي عظيم ذهنن وٽ غور هيٺ ضرور آهي. بين الاقوامي تعلقات جي ماهرن کان علاوه، دنيا جي ٻين ڏاهن، شاعرن، فيلسوفن”انٽرنيشنل سوسائٽي“ جي ويچار ۽ قيام کي ترجيح ڏني آهي. انهيءَ جو هڪ مثال ٽئگور (بنگالي شاعر ۽ ڏاهو) جون سندس شاهڪار ڪتاب ”گيتانجلي“ ۾ هي سٽون آهن:
Where the mind is without fear and head is held high;
Where the world has not been broken
Into fragments by narrow domestic walls;
Into that heaven of freedom,
My Lord, let the world awake.
(جتي انساني ذهن هر خوف کان آزاد ۽ ڳاٽ اوچا هجن.
جتي دنيا سوڙهين مقامي ترجيحن سان ٽڪرٽوٽا ٿيل نه هُجي،
اي خدا! هن دنيا کي اهڙي آزاديءَ جي جنت ۾ اٿار.)
”انگلش اسڪول آف انٽرنيشنل رليشنز“ سان لاڳاپيل دانشورن، چارلس ميننگ، مارٽن وِٽ، نارٿيج، هيڊلي بُل، جيمس ميل، جان ونسينٽ ۽ ايلن جيمس جا ”انٽرنيشنل سوسائٽي“ جي ويچار بابت ڪافي ڊگها بحث مباحثا هليا. هن معاملي کي جيڪڏهن ٻئي حوالي سان ڏسجي ته بظاهر اهڙي سوسائٽيءَ جي قيام ۾ ڇڙواڳي ۽ لاقانونيت جا به ڪافي خدشا آهن، ڇاڪاڻ ته هڪ وڏي علمي سماج جي ڀيٽ ۾ ننڍن ننڍن ٽڪرن ۾ ورهايل دنيا کي انتظامي حوالي سان سنڀالڻ وڌيڪ سؤلي ڳالهه آهي. نامياري دانشور ’هيڊلي بل‘ (Headley Bull) ”انٽرنيشنل سوسائٽي“ جي نظريي کي چڱيءَ طرح سان بيان ڪيو آهي. هيڊلي جو خيال آهي ته هن قسم جو معاشرو هڪ اهڙي جڳهه تي ممڪن آهي, جتي معاشي ۽ سياسي هڪجهڙائي. سوچ ويچار جي هڪجهڙائي، مفادن جي هڪجهڙائي، قانون ۽ ضابطن جي هڪجهڙائي نظرياتي هڪجهڙائي ۽ انساني مرتبي ۾ هڪجهڙائي آڻڻ کان پوءِ ئي اهڙو معاشرو قائم ٿي سگهي ٿو، جنهن ۾ ملڪي حدبندين جو ڪو تصور نه هجي. ”انٽرنيشنل سوسائٽي“ جي حاصلاتَ لاءِ جيڪي به خيال پيش ڪيا ويا آهن، انهن تي اڃا تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي. ڪيترن ماهرن جو خيال آهي ته بين الاقوامي قانون، ادارا، سفارتڪاري ۽ طاقت جو صحيح استعمال، اهڙي سماج کي وجود ۾ آڻي سگهن ٿا. ان کان سواءِ اِن ڏس ۾ بين الاقوامي تعلقات جي علم جو ڪردار به تمام گهڻو نمايان آهي، ڇاڪاڻ ته هن علم جي بُنيادي تصور ۾ رنگ، نسل يا ننڍي ۽ وڏي ملڪ جو تصور ناهي. ”انٽرنيشنل سوسائٽي“ جو وجود ۾ اچڻ ممڪن هجي يا نه، پر ٻي عالمي جنگ کانپوءِ بين الاقوامي تعلقات جي ذريعي اها ڪوشش ضرور ڪئي وئي آهي، ته دنيا ۾ رنگ ۽ نسل جا فرق ۽ مذهبي بنيادن تي جهيڙا ختم ٿي وڃن. دُنيا جي اڪيلي وڏي طاقت آمريڪا انهيءَ سوچ ۾ گهٽ سهڪار ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته آمريڪا بين الاقوامي معاملن ۾ سدائين پنهنجي غلبو برقرار رکڻ چاهيو آهي. ان کان علاوه هر رياست جي ’قومي مفادن‘ پٺيان ڊوڙ به هن ويچار کي تمام گهڻو نقصان رسايو آهي.”انٽرنيشنل سوسائٽي “ جو نظريو، اهڙي صورتحال ۾ حقيقت کان تمام گهڻو پري لڳي ٿو


بين الاقوامي سماج سان لاڳاپيل لفظ


Remember Me Also:

جلوه گاه

ذ. اُها جاءِ جتان نظارو پسجي. نظاري وارو هنڌ. ديدار يا درشن ڪرڻ واري جاءِ. زيارت ڪرائڻ واري جاءِ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal